رامائڻ فارسي منظوم ۽ قلمي

رامائڻ (فارسي منظوم ۽ قلمي): هي فارسيءَ ۾ مثنوي اصل ۾ رامائڻ جو منظوم ترجمو آهي جيڪو گرڌارداس جو ڪيل آهي. هي ترجمو مغل شهنشاهه جهانگير جي دور ۾ ٿيو ۽ مترجم مثنوي ان وقت جي حاڪم جهانگير جي نالي ڪئي آهي. هي مثنوي 1036هه/1626ع ۾ لکجي مڪمل ٿي ۽ ان ۾ 5900 بيت آهن. مثنوي جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”تامو ڪرد حيران ماندبر خويش
ڪه غير از گل نديده اه در پيش
مثنوي جو اختتام هيئن ٿئي ٿو:
”... تمت تمام شد کارمن نظام شد
نسحته رامائن عرف شاهنامه
راجا رام چندر جيو تصنيف به گردهر
داس کاتب بهت ناگر ساکن دهلي و
اين رقمزده کلڪ حقير هيچمندان اضعف
العباد اودهو داس بتاريخ 1816ع...“
هي قلمي نسخو خط نستلعين ۾ اوڌو داس پٽ ٺاڪر داس جو ڪتابت ٿيل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورد جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو